ملتان – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته م??تان صوفين جي ڌرتي آهي، سرائيڪي ??نڪ??رن ۽ گلوڪارن سرائيڪي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي مل??ان سينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ۾ جي عمل ۾ مصروف آهي، پي ٽي وي نيشنل مل??ان جي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ٿيڻ سان هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو پورو ٿي ويو آهي. نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن مل??ان سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات جي افتتاحي تقريب کي سرائيڪي زبان ۾ خطاب ۽ ??يڊ??و پاڪستان مل??ان سينٽر ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ۽ اديبن ۽ شاعرن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ننڍي کنڊ ۾ سلسله سهرورديه حضرت بهاءُ الدين ذڪريا مل??اني جي ڪري شروع ٿيو، اهڙي طرح ننڍي کنڊ ۾ سلسله قادريه اُچ شريف کان حضرت غوث بندگي شروع ڪيو. هن چيو ته م??تان خطي سدائين کان ادب ۽ فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، هن خطي ۾ پوري ننڍي کنڊ مان ??نڪ??ر ۽ گلوڪار آيا، عظيم گلوڪار پٺاڻو خان، ثريا مل??انيڪر، استاد حسين بخش ڍاڍي، بدرو مل??اني، نصير مستانه، جميل پروانه، عاشق حسين، رمضان حسين، پروين نظر، زاهده پروين، منصور ملنگي، غلام عباس ۽ ٻين گلوڪارن موسيقي جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ سرائيڪي خطي جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي وي مل??ان سينٽر گذريل 16 سالن کان هن خطي جي خدمت ڪري رهيو آهي، هتان جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو هو ته پي ٽي وي مل??ان جي نشريات سيٽلائيٽ تي منتقل ڪئي وڃي جيڪو اڄ پورو ٿي ويو آهي، پي ٽي وي نيشنل مل??ان جي نالي سان نشريات دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڏسي سگهبي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته م??هنجو هن خطي جي شاعرن، اديبن ۽ ??نڪ??رن سان گهرو تعلق رهيو آهي، آئون جڏهن ڊي جي ??يڊ??و پاڪستان هئس ته قومي نشرياتي رابطي تي سرائيڪي خبرن جو بليٽن شروع ڪرايو، ان وقت يوسف رضا گيلاني پهريون بليٽن پڙهيو. هن چيو ته پي ٽي وي مل??ان تان سيٽلائيٽ نشريات جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هتان جا ??نڪ??ر، اديب ۽ شاعر هاڻي آساني سان پوري دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهندا. هن چيو ته پي ٽي وي مل??ان گذريل 16 سالن دوران خبر ۽ ڪرنٽ افيئرز جي شعبي جي پروگرامن کي بهترين طريقي سان ڪور ڪيو، اميد آهي ته اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته م??جوده دور جي شاعرن احمد خان طارق، عاشق بزدار، اقبال سوڪڙي، شاڪر شجاع آبادي، رفعت عباس ۽ اشو لال کانسواءِ ڪيترن ئي شاعرن شهرت حاصل ڪئي. پي ٽي وي نيشنل مل??ان جي سيٽلائيٽ تي اچڻ کانپوءِ شاعرن، اديبن ۽ ??نڪ??رن کي وڌيڪ موقعا مليندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يڊ??و پاڪستان مل??ان سينٽر ۾ جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. نگران وفاقي وزير جڏهن ??يڊ??و پاڪستان مل??ان سينٽر پهتو ته ڊي جي ??يڊ??و سعيد احمد شيخ ۽ ??يڊ??و پاڪستان جي ٽيم ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ڏکڻ ڪوريا جي تعاون سان ??يڊ??و سينٽر مل??ان ۾ اپ گريڊ ڪيل جديد ترين خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ريديو پاڪستان مل??ان ۾ خواجه غلام فريد اسٽوڊيو بلاڪ ۾ جديد ترين ڊيجيٽل اسٽوڊيو ٺاهيا ويا آهن. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ لوڪ ??نڪ??رن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هن چيو ته نگران حڪومت وٽ محدود وقت ۽ محدود اختيار آهن، اسان وٽ وڏا فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه آهي، محدود وقت ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قانون موجب ??يڊ??و پاڪستان سميت سمورين ڪارپوريشنز کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز موجب هلائڻو هوندو آهي، ڪارپوريٽ گورننس جي حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي آهي، قانونسازي ڪارپوريٽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ گورننس سان ادارن جي آزادي تي ڪو اثر نه پوندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??يڊ??و پاڪستان مل??ان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.