اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ع??صرن جي خلاف قانوني ??ارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ??ئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ع??صرن جي خلاف قانوني ??ارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ??ئي وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاقي وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس ??ي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري ن??ران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري ن??ران وفاقي وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري ن??ران وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري ن??ران وفاقي وزير گوهر اعجاز، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.