اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي ??وڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪ??مي??ه مين احمد خان سولنگي ۽ ڪ??مي??ه مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيف ڪ??مي??ه مين احمد خان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪ??مي??ه مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه ان موقعي تي چيو ته پ?? ٽي وي پنهنجي ملا??من جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪ??مي??ه ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پ?? ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير شاهه احمد خان سولنگي ۽ ظفر علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پ?? ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪ??مي??ه مين احمد خان سولنگي ۽ ڪ??مي??ه مين ظفر علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب ??وڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.