اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق صحافت آهي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سينيئر صحافي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنهن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي و??ائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪام??اب??ن تي رشڪ آهي. هن چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وا??يس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي اسان کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آهي. هن چيو ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس ج?? نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، اسان کي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اه?? نظام ختم ٿي ويو ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن سان گڏ اڳتي و??ڻو پوندو. هن چيو ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بهترين طريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي و??ون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ صحافين جي و??ي انگ پڻ شرڪت ڪئي.