اسلام آباد-07 فيبروري (ا?? پي پي) سڄي ملڪ ۾ اڄ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 2538 کدڙا فقير پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، اسلام آباد جي ٻن تڪن سميت 4 تڪن تي کدڙا فقير به اميدوار طور ميدان ۾ لٿل آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل رجسٽرڊ ووٽ?? لسٽ مطابق اڄ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 2500 کان وڌيڪ کدڙا فقير پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. پنجاب سان تعلق رکندڙ کدڙو فقير ناياب علي قومي اسيمبليءَ جي ٻن تڪن اين اي 46 ۽ 47 تان اميدوار آهي. پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندڙ هي واحد کدڙو فقير آهي جڏهن ته ٻه کدڙا فقيرڪ?? پي ڪي اسيمبليءَ سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيا آهن.