اسلام آباد- 10 فيبر??ري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع جي نتيجن ??ان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته چونڊون مجموعي آزاداڻيون ۽ م??صفاڻيون ٿيون آهن، اسان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون، مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، ان قدم جو ڪو ٻيو سياسي مقصد نه هو. ٽي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقتدار سونپڻ جو اختيار پارليامينٽ جو آهي، اتي جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو. چونڊن لاءِ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ م??اصلاتي بندش جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عام چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا ٿيا جنهن جو مقصد جمه??ري عمل کي متاثر ڪرڻ هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان به اهڙا اطلاع هئا ته هي سلسلو صرف ٻن صوبن تائين محدود نه رهندو، اسان جو ڪم عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ هو. اسان پنهنجي عوام جي جانين کي خطري ۾ نٿي وجهي سگهياسين، مواصلاتي بندش جو مقصد دهشتگردن کي انهن جي مڪروه مقصدن کان پري رکڻ هو. ان جو مقصد ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه هئي. هن قدم سان عوام کي پرامن طور پنهنجي ووٽ جو حق ??ستعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر آيو ۽ ان بنا خوف ۽ خطري جي آزاداڻي ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جو حق ??ستعمال ڪيو. پاڪستان جو عوام بهادر ۽ پُرعزم آهي، هن چيو ته وڌل ووٽن جي حتمي انگن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ ٻاهر نڪتو. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن هي ٽرن آئوٽ 40 کان 50 سيڪڙو پهچي ٿو. هن چيو ته نتيجن ??ان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عام چونڊون مجموعي چونڊون آزاداڻيون ۽ م??صفاڻيون ٿيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2002ع کانپوءِ سياسي ۽ جمه??ري طور جيڪا تبديلي آئي اها پارليامينٽ ??ان ئي آئي، عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ به فلور آف دي هائوس ??ان ٿي. اهڙي جمه??ري سرگرمين کي ڪنهن مداخلت سان جوڙي نٿو سگهجي، هي جمه??ري عمل جو حصو آهي ان تي تنقيد صحيح نه آهي.