اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪم??شن صدر مملڪت جي عهدي تي آصف علي زرداري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇ??يو. ريٽرننگ آفيسر طرفان جاري فارم 7 موجب آصف علي زرداري کي قومي اسيمبلي ۽ س??نيٽ ۾ 255، پنجاب اسيمبلي ۾ 43، سنڌ اسيمبلي ۾ 58، ڪي پي ڪي ۾ 8 ۽ بلوچستان اسيمبلي مان 47 ووٽ مليا، سندس مقابلي ۾ اميدوار محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۽ س??نيٽ مان 119، پنجاب مان 18، سنڌ مان 3، ڪي پي ڪي مان 41 ووٽ مليا. هو بلوچستان مان ڪو به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، اهڙي طرح آصف علي زرداري 411 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. ڪل ووٽ 1044 وڌا ويا جن مان 9 رد ٿيا، 1035 ووٽ درست شمار ڪيا ويا.