اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي ??در امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ??يه?? وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ ??در جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ ??در جي پاڪستان جي ??ذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ ??در جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ ??در اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ??نهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.