اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻطرفن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??رط??نيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، هن ??رط??نيا سان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي ۽ عوام جي سطح ??ي رابطن سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد بحالي تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ ??ي مبارڪباد وارن پيغامن تي ??رط??نوي وزيراعظم رشي سونڪ ۽ پرڏيهي وزير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??رط??نيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي وچ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ ڀرپور سياسي خيرسگالي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني وڃي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملاقات ۾ حڪومت جي معاشي ترجيحن خاص طور ??ي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، عوام جي وچ ۾ رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏنو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ??رط??نيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين کي آساني ملندي. هن ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس نيڪ خواهشون پهچائي ۽ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صحتيابي کانپوءِ هو پاڪستان جو دورو ڪندو.