اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي پرڏيهي وزارت پهچي ويو، پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جو استق??ال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. قطري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ نا??ب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي وچ ۾ باضابطا ڳالهه ٻولهه پڻ ٿيندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڊگهي مدي، وسيع البنياد ۽ ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن.