اسلام آباد -16 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو و??ير محسن نقويءَ دهشتگردن جي بنون ڪينٽ ??ي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادرن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي ۽ اسان سڀئي شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، شهيدن جي عظيم قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. گهرو و??ارت پاران جاري بيان ۾ وفاقي گهرو و??ير محسن نقوي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد ٿيل سيڪيورٽي فورسز جي 8 جوانن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدرد?? جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي. محسن نقوي چيو ته قوم جي بهادر جوانن پنهنجون حياتيون ڏئي دهشتگردن جي وڏي منصوبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ سمورن 10 ئي دهشتگردن کي دوزخ حوالي ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن دهشتگردي جي سازش کي ناڪام بڻايو. گهرو و??ير چيو ته دشمن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي گندي سازش ڪري رهيو آهي، اتحاد ۽ اتفاق جي طاقت سان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪنداسين. هن زخ??ي اهلڪارن جي جلد صحت يابي لاءِ دعا به ڪئي.