لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي ??دد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ??اڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چين جي ??اڻوڪي دوري کان پوءِ م??اهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي ??اڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ??ي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي ??اڪستان جي ??اڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي ??فد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اعظم ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان ش??مل هئا. وفد جي ??يمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي ??اڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي ??گاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي ??يادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ??اڪستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي ڪم جي ??وجوده رفتار ۽ منصوبن جي ??ڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي ??يادت ۾ حڪومتي قدمن تي ا??مي??ان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ ش??مل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.