اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پا??ستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي چيني حڪومت ۽ پا??ستان حڪومت جي وچ ۾ واپاري فروغ تي تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان مفاهمتي يادداشت جو مقصد وزيراعظم جي تازي چين جي تازي دوري جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ واپار جو فروغ يقيني بڻائڻ آهي، مفاهمتي يادداشت تحت پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي سمارٽ فونز جي تياري، نيو انرجي آٽو موبائيل، ٽيڪسٽائيل، زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ، دواسازي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعتن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيوار??ڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز اسلام آباد جي چارٽر تي قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيوار??ڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي بحرين جي تعاون سان پا??ستان ۾ قائم ٿيندڙ نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بابت ڪنگ حماد يونيورسٽي جي بل جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. بحرين جي تعاون سان قائم ٿيندڙ ان يونيورسٽي ۾ دور جديد جي گهرجن جي عين موجب تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا کي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان جوڙيل بين الوزارتي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغان جنگ کانپوءِ دهشتگردي پا??ستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، دهشتگردي جي ڪري پا??ستان کي ڪيترن ئي قسمن جا اندروني چئلينجز درپيش آهن. گم ٿيل ماڻهن تي ڪميشن گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نگران حڪومت ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي ٻيهر جوڙي وئي. رپورٽ جي تياري ۾ پا??ستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پڻ تعاون ڪيو. ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي توثيق ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي لاءِ 50 لک رپيا في ڪس امدادي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 جولاءِ 2024ع ۾ ٿيندڙ فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.