اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مط??بق ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي ??اصل ڪرڻ لاءِ انهن ج?? منصفاني جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جا??ي رکندو، ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياس?? منظر نامي کي ??دلائڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ مسلسل مهم جو آغاز ڪري چڪو آهي، ڄمون ڪشمير ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائل سرٽيفيڪيٽ جا??ي ڪري، ووٽر لسٽن ۾ عارضي رهائشين کي ??اخل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن ۾ تبديليون ۽ زمين ۽ جا??يداد جي ملڪيت جي قانونن ۾ ترميمون ان مهم جو حصو آهن. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جا??ي بيان مط??بق صدر مملڪت آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار يوم استحصال 5 آگسٽ 2024ع ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضو مستحڪم ڪرڻ جي مهم کي 5 سال پورا ٿي رهيا آهن، غير قانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڄ کان 5 سالن پهريان ڀارت ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا. هن چيو ته لکين ڀارتي فوجين جي مسلسل موجودگي سبب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي وڏي پيماني تي دستاويزي ۽ عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن سان ناروا سلوڪ اختلافي آوازن کي ??اموش ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي آمادگي کي ??اهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هاڻي تائين جي قدمن سان عالمي قانون، ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، ڀارت جي داخلي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلا ڪشميري عوام ج?? منصفاڻي جدوجهد کي ??ٻائي نه ٿا سگهن. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام گڏيل قومن طرفان پنهنجي واعدن جي تڪميل لاءِ منتظر آهن. عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ سلامي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر مملڪت پاڪستان جي ان اصول?? موقف جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مط??بق ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خوداراديت واري حق کي ??اصل ڪرڻ لاءِ انهن ج?? منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جا??ي رکندو.