اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪوم?? جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ون?? مان جاري بيان مطابق وز??راعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي. وز??راعظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪوم?? جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نمايان ٿيندا. هن چيو ته و??اقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وز??راعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعا?? جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وز??راعظم چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.