اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي مل?? جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪ??نگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيا??ت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيا??ت ۾ معاشي پاليسين جي ڪ??ي مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪ??روبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويزون ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪ??اچي جي ماڻهن جي خو??حا??ي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي مل?? جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪ??نگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪ??اچي ۽ ٻين شهري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صل??حڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.