اسلام آباد ??? 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدي?? خان اسپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن کي پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر اهڙن خيالن ??و اظهار عبدالقدي?? خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ مو??ود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدي?? خان جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو ??لط استعمال ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدي?? خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.