اسلام ??با?? – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ??حس?? ??قو?? شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) سربراهي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام ??با?? شهر جو دورو ڪيو. هن ڊي چوڪ، شاهراهه دستور، مري روڊ ۽ اسلام ??با?? ايڪسپريس وي جو تفصيلي معائنو ڪيو. گهرو وزير ??حس?? ??قو?? ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. گهرو وزير ??حس?? ??قو?? ايس سي او سربراهي ڪانفرنس لاءِ بهترين انتظامن جي هدايت ڏيندي چيو ته شهر کي سينگارڻ ۽ اڏاوتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. سڄي اسلام ??با?? خاص طور تي وي وي آءِ پي روٽس ۽ ريڊ زون جي مڪمل صفائي کي يقين?? بڻايو وڃي. هن سمورن شاهراهن جي آس پاس جيڪي اجلاس واري هنڌ جي روٽس طور استعمال ٿيڻا آهن، اتا حد دخليون هٽائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. گهرو وزير ??حس?? ??قو?? چيو ته ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اسلام ??با?? جي قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪيو ويندو. ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي شان مطابق انتظام ڪيا ويندا. هن لاڳاپيل اختيارين کي شهر کي سينگارڻ ۽ صفائي جي انتظامن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون. اسلام ??با?? جي ڪمش??ر محمد علي رنڌاوا وفاقي وزير کي اڏاوتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسلام ??با?? جو چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين پڻ وفاقي وزير سان گڏ هئا.