فيصل آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مٿاھين ۽ وچ وارن ع??ائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين تيز ھوائن ۽گج گوڙ س??ن برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ترجمان ٻڌايو آھي ته 25 سيپٽمبر جي رات کان گهم واريون ھوائون نار بنگال کان ملڪ جي مٿاھين وارن ع??ائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ ھڪ اولھه جي لھر 26 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿاھين وارن ع??ائقن ۾ داخل ٿي رھي آھي. جنھن سبب وقفي وقفي سان تيز ھوائن ۽ گج گوڙ س??ن بر??ات جڏھن ته ان دوران ڪجھه ھنڌن تي تيز بر??ات جو پڻ امڪان آھي. موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر جي شام ۽ پھرين آڪٽوبر تائين فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن فيصل آباد، جھنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، چنيوٽ سميت اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، جھلم،منڊي بھاالدين،گجرات، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، وزير آباد جڏھن ته 27 سيپٽمبر جي رات کان پھرين آڪٽوبر دوران ساھيوال، ننڪانه صاحب، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، اوڪاڙه، پاڪپتڻ، قصور ۽ ڀڪر ۾ تيز ھوائن، طوفان ۽ گج گوڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آھي ھن چيو ته تيز برساتن سبب مري، گليات، منسھره، ڪوھستان، چترال، گلگت بلتستان، دير، سوات، شانگله، نوشھره، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وھڪر ۾ اضافي جو امڪان آھي جڏھن ته تيز بر??ات سبب اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، قصور ۽ سيالڪوٽ جي ھيٺاھين ع??ائقن ۾ شھري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھن چيو ته طوفان اچڻ، جھڪ ھلڻ ۽ گج گوڙ سبب روزمره جا مع??مل?? متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر، ڀتين، بجلي جا ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پينل کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته آبادگار موسمياتي اڳڪٿ?? کي نظر ۾ رکي پنھنجا مع??مل?? ترتيب ڏين. ان کانسواءِ مسافر ۽ سير تي ويندڙ ماڻھو سفر دوران وڌيڪ محتاط رھن ۽ موسمي حالتن مطابق پنھنجي سفر جو انتظام ڪن جڏھن ته تيز برساتن دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال ک??ن بچڻ لاءِ موسم بابت آگاھي حاصل ڪن.