اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اخبارن جمهوريت کي ??روغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل م??اه??و ڪيو آهي، سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ جتي غلط معلومات پکڙيل آهي اتي اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي ??قيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون شايع ڪن ٿيون. نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اخبارن جي هن قومي ڏينهن تي اسان اخبارن جي لازمي حصيداري کي ??نهنجي جمهوريت جي سنگ بنياد جي طور تي تسليم ڪريون ٿا ۽ ملهايون ٿا، پوري تاريخ ۾ پريس جي ذريعي تيار ڪيل بيانيي عوامي ڳالهه ٻولهه جي جوڙجڪ ۾ هڪ تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، فڪري ۽ نظرياتي بيداري جي دور ۾ اخبارن تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام کي ??ابل اعتماد معلومات فراهم ڪري جذبي ۽ بيداري کي ??روغ ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي پنهنجي سفر جي عڪاسي ڪندي پاڪستان تحريڪ آزادي جي اهم لمحن دوران اخبارون اسان جي قوم جي بانين جو طاقتور آواز بڻجي ويون جنهن پوري ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمان ڪميونٽي کي ??تحد ڪيو، ان کانپوءِ جي سالن ۾ انهن اهم اشاعتن جمهوريت کي ??روغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل م??اه??و ڪيو آهي. هن چيو ته هن دور ۾ جتي غلط معلومات پکڙيل آهي، اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي ??قيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون پيش ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي وڌڻ سان پرنٽ ميڊيا جي اهميت گهٽ ناهي ٿي، موجوده دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا جي مطابقت اڃا وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي، جتي سوشل ميڊيا اسان جي معلومات تائين پهچ جي طريقي ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي اتي ان جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي شڪل ۾ چئلينجز پڻ پيدا ڪيا آهن، اخبارون پنهنجي قائم ڪيل ادارتي معيارن ۽ حقيقتن جي جانچ جي سخت عمل سان ڊيجيٽل گوڙ ۽ الجهن جي وقت معلومات جي قابل اعتماد ذريعي جي طور تي ڪم ڪنديون رهن ٿيون، اهي جوابدهي جي سطح فراهم ڪن ٿيون جيڪا اڪثر آن لائين جاين تي غائب رهي ٿي، ان ڳالهه کي ??قيني بڻائيندي ته سچائي سان ٺاهه نه ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ باخبر معاشري جي طاقت کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، باخبر شهرين جي ذريعي ئي اسان هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ لچڪدار پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، آئون هر ما??هو جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي اخبار پڙهڻ جي عادت کي اختيار ڪن، ڇو ته اهو جعلي خبرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ذميوار شهريت جي ڪلچر کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته اچو اسان گڏجي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخبارن جي ڪردار کي ??ضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون ۽ ان انمول اداري جي مدد ڪريون ته جيئن اهو ديانتداري ۽ لگن سان اسان جي قوم جي خدمت جاري رکي سگهي.