لاهور-01 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي د??يا ۾ صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن 02 نومبر تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ صحافي تنظيمن جي انتظام هيٺ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. صحافي زومره جي زندگي جو اهم حصو آهن، ڪشمير ۽ فل??طين سميت د??يا جي مختلف حصن ۾ جاري ظلمن ??ان گڏوگڏ عالمي صورتحال بابت ڄاڻ ڏيڻ ۾ صحافين جو اهم ڪردار آهي.گڏيل قومن صحافين جي حقن کي نظر ۾ رکندي صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جواعلان ڪيو جن??ن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 2 نومبر تي ملهايو ويندو آهي.