اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي علائقي خمرنگ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب سيڪيورٽي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پ??ش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??امياب آپريشن ۾ 6 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 3 کي گرفتار ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم ??يو ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، پوري قوم پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انهن جي پي??يواراڻي مهارت ۽ بهادري تي سلام پ??ش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن سان اسان جي جنگ جاري رهندي.