اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪندي، پاڪستان ۽ يو اي اي واپار، توانائي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ جامع اقتصادي حصيداري سان ترقي ۽ خوشحالي جا گڏيل هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي واپار واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي جي قيادت ۾ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطح?? وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي مسلسل حمايت تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان گڏوگڏ گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم محمد بن راشد المڪتوم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري جهڙن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جامع اقتصادي حصيداري کي اجاگر ڪيو، جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ??کي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يو اي اي ج?? وفد جو هي دورو پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪندي. يو اي اي جي مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي شاندار ??ستقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد پاڪستان ۾ اي ڊ?? پورٽس جي موجوده سيڙپڪاري تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي پاڪستان ۾ جهاز راني، بندرگاهن جي ڪارڪردگي وڌائڻ، لاجسٽڪس ۽ ڪسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي اي ڊ?? پورٽس گروپ سان ميري ٽائيم افيئرز، ايوي ايشن، ريلويز ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو بابت چار مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. مفاهمت جي انهن يادداشتن موجب پاڪستان ۽ اي ڊ?? پورٽس گروپ ڪسٽم، ريلويز، ايئرپورٽس جي بنيادي ڍانچي، ميري ٽائيم شپنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ امڪاني تعاون جي ڳولا ڪن. انهن مفاهمت جي يادداشتن جو مقصد ڊيجيٽل ڪسٽم ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ، مال بردار ??يل جي لاءِ وقف ڪيل ڪوريڊورز تيار ڪرڻ، پاڪستان جي سامونڊي ٻيڙي ۽ ميرين سروسز سان گڏوگڏ پاڪستان جي عالمي هوائي اڏن کي اپ گريڊ ڪرڻ آهي. گڏيل عرب امارات ج?? وفد ۾ ڪاهيل گروپ جو چيئرمين شيخ احمد دلموڪ المڪتوم، ابوظهب?? پورٽس گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو ??فير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ اي ڊ?? پورٽس جا سينيئر عملدار ??امل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، ايس اي پي ايم طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار ??امل هئا.