اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قوم جي فرزندن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين، عوام جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ دهشتگردن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ۽ ان عمل ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ضلعي بنون جي علائقي ملي خيل ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ صوبيدار عمران احمد فاروقي، حوالدار ??حم?? جاويد اقبال، نائق طهماس، نائڪ باسط فريد، سپاهي صفدر علي، سپاهي اسد بشير، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي ع??طف خان، سپاهي امان الله، سپاهي شاهه زمان، سپاهي حسيب الله ۽ عثمان شامل آهن.