اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جم??وريت مح??رم?? بينظير ڀٽو جي 17هي?? ورسيءَ جي موقعي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد مح??رم?? جي 17هي?? ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد مح??رم?? نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جم??وريت، مساوات ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد مح??رم?? پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ڪيو ته جم??وريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن جي حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ذريعي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي موقعي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد مح??رم?? جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جم??وري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چيو ته اسان شهيد مح??رم?? کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.