راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ بچاءَ، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ??لاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌي?? مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. دفاع واري وزارت مان جاري بيان ??وجب وفاقي وزير ان ??وقعي تي چيو ته پاڪستان برطانيه سان ??نهنجن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ناتا عالمي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مقصدن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جو وڏو انگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ه?? مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم فورمن ذريعي مسلسل دفاعي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته ان سان دفاعي شعبي ۾ ٺوس اڳڀرائي ٿيندي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪ – برطانيه ناتن تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.