اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لا??ِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي مڪمل صلاحيت کي کولڻ لاءِ پاڪس??ان جي پاليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب اسٽار لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي حوالي سان مملڪتي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ اسٽار لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چيئرمين پاڪست??ن اسپيس ايڪٽيوٽي ريگيوليٽري بورڊ عامر سرفراز ??حمد، چيئرمين اسپارڪو محمد يوسف خان، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽيليڪام جي ميمبر جهانزيب رحيم ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دور??ن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ فني جدت کي اڳيان وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.