اسل??م آباد – 17 جولاءِ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا وبا جي خلاف ضابطه ڪار تي حقيقت ۾ عمل ڪيو وڃي ته ان سان رياست، حڪومت ۽ عوام پنهنجون سرگرميون بهتر انداز ۾ جاري رکي سگهي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته حڪومت ۽ شيعا عالم سڳورن جي وچ ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪورونا وبا کان بچاءُ لاءِ اتفاق راءِ مان ظاهر ٿئي ٿ?? ته سڀئي مڪتبه فڪر جي عالمن قومي معاملي تي متحد آهن.