وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان جي دوري دوران ضلعي ۾ احساس ڪفالت پروگر??م جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ڏکڻ وزيرستان جي 25 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي هلندڙ سال احساس پروگر??م جي ذريعي سماجي ۽ معاشي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ان موقعي تي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس جي وزيرستان ۾ ق??من تي بريف??گ ڏني.