اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نظام کي نقصان پهچائڻ جي خ??اهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، مونکي خ??شي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي لعنت وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري رهيا آهن، نواز شريف جي پاسپورٽ جو مُدو اڱاري جي رات 12 وڳي ختم ٿ?? ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ته پاڪستان و??پسيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، ان لاءِ سندن پاسپورٽ جي تجديد نٿي ڪري سگهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سياسي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان کانپوءِ ڪري. گهرو وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي واپس آڻڻ جو فيصلو ??يو آهي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ??يو ويندو، 10 سالن جي پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي اِ?? ويزا ڏن?? ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئ?? ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ رپورٽ ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نواز شريف جي پاسپورٽ جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاسپورٽ جو مُدو اڱاري واري رات جو 12 وڳي ختم ٿ?? ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم نواز اي سي ايل تي آهن، نيب جي هدايتن تي سندن نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ جي منظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ان کي پاسپورٽ جاري نٿو ڪري سگهجي، نواز شريف جيڪڏهن و??ن و??پس اچڻ چاهي ته 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري سگهجي ٿو پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سياسي آهن?? کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي تنهن جو هن غلط استعمال ??يو هاڻي عدالت به کيس وطن و??پس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف کي وطن و??پس اچڻ کان نه پيو رو??يو وڃي هو واپس اچڻ چاهي ته هاڻي درخواست ڏئي?? کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ته مونکي خ??شي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي لعنت اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، نظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خ??اهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.