اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق جڏهن ته پراڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ??هي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي سعودي ولي عهد، نائب وزيراعظم ۽ دفاع وا??ي وزير محمد بن سلمان ٽيليفون ڪئي. ولي عهد شهزاده وزيراع??م جي صحت بابت معلوم ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.