اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت س??ڌ جي ترقياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ عوام کي د??پيش مسئلن جي حل جي حوالي سان اڳ ۾ به پنهنجو ممڪن ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندي رهندي، ايندڙ بجيٽ جي تياري دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقياتي ضرورتن تي غور ڪيو ويندو. ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي. ڪرا??ي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ا??م ڪيو ايم جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.