اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ”احساس ڪير ب??يو نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، پروگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي تي وز??راعظم هدايت ڪئي ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، وز??راعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وز??راعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته ” ڪير ب??يو نه سمهي“ پروگرام تحت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي. وز??راعظم ملتان، گوجرا??وا??ا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ هاڻي 7 شهرن ۾ 16 ٽرڪن جي ذريعي کاڌو ورهايو ويندو. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير ب??يو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وز??راعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به ب??يو نه سمهندو. احساس ڪير ب??يو نه سمهي قدم وز??راعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير ب??يو نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.