اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقا?? ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام تي ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ڪامياب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به شامل آهي سان زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تي ??ڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر مع??شت تي مثبت اثر پوندا.