اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بل??چستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل??چستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بل??چستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان بل??چستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري جي لاء?? سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بل??چستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي عوام جي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏو ترقياتي پئڪيج پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان بل??چستان جي آبادگارن جي مدد سان گڏوگڏ صوبي ۾ زراعت جي ترقي کي يقيني بڻائيندو.