اسلام آب??د ?? 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقي??ي ٽيلنٽ کي ا??ار?? ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽيشن سينٽرل پ??جا?? ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پ??جا?? ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيراعظم 15 سيپٽمبر کان وچ پ??جا?? ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقي??ي ٽيلنٽ کي ا??ار?? ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پ??جا?? جي چيف سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پ??جا?? حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پ??جا?? ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.