اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت افغانستان ۾ حقيقتن کي لڪائڻ ??اء?? ڪوڙن ۽ غلط بيانئي کي هوائي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ماضي وانگر اڄ به پنهنجي مخلصاڻين ۽ حقيقتن تي ٻڌل موقف پيش ڪري رهيو آهي، اڄ افغانستان ۽ دنيا هڪ اهم موڙ تي آهن، افغانستان ۾ انساني بحران نه ٿئي ان ??اء?? عالمي برادري تي اجتماعي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته طالبان سان انگيجمينٽ ڪجهه ??لڪ?? ??اء?? سياسي طور مشڪل ضرور ٿي سگهي ??ي ليڪن هي ??ڪ نازڪ موقعو آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار برطانوي رسالي ”دي انڊپينٽ“ ۾ شايع ٿيل مصمون ۾ لکيو آهي ته افغانستان مان فوجين جي واپسي جي افراتفري کان پاسو ڪرڻو هو، بدقسمتي ڀارت جه??ن علائقائي بگاڙ پيدا ڪندڙن ڪوڙي بيانئو بڻائي حقيقت کي لڪائڻ هو. افغانستان ۾ بين الاقوامي ڪوششون افغان عوام جي نظر ۾ جائز ناهن. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي ??اء?? هميشه ڳالهين ۽ سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، اسان جي مشوري کي نظر انداز ڪيو ويو جڏهن ته افغانستان جي جنگ سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي. اسان جي قربانين جو اعترا?? ڪرڻ بدران اسان تي ڊبل گيم جا الزام لڳايا ويا. حقيقت اها آهي ته اسان 80 هزار کان وڌيڪ معصوم جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ معاشي نقصان جو بار کنيو.