اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي ??هي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سا?? اپيل جمع ڪرائڻ تي آئيسڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئيسڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سا?? پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيسڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل موڪلڻ جي آئيسڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي محتسب سا?? رجوع ڪيو هو جنهن تي ??فاقي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئيسڪو وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته آئيسڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سا?? جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سا?? اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پريشان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سا?? رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سا?? اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئيسڪو کي موڪلڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته آئيسڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ??لوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.