اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته 96 لک خاندان ۽ 10 هزار کان وڌيڪ ڪر??انه اسٽور وزيراعظم راشن رعايت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان پروگرام جي ذريعي 2 ڪر??ڙ خاندان اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت حاصل ڪندا جڏهن ته 7 لک ڪر??انه اسٽور 120 ارب روپين جي سبسڊي خاندانن کي ??يڻ جو ذريعو بڻجندا.