اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي ۽ گڏيل قومن افغانستان ۾ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ ۽ او آءِ سي افغانستان جي ??اءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اجلاس سان افغانستان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بيدار ٿيو آهي، افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ اقتصادي بحالي جي ??اءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، هي گڏيل ذميواري آهي پاڪستان اڪيلو ان کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي ??اءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري غيرمعمولي ڪانفرنس کانپوءِ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 20 پرڏيهي وزير، 10 نائب پرڏيهي وزير، 70 وفد، پي فائيو، يورپي يونين، گڏيل قومن ۽ ٻين مالياتي ادارن سميت جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي ??مائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ??اءِ ايندڙن ۽ او آءِ سي ميمبرن جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ جا مثبت خيال به ٻڌا، ٽام ويسٽ جي بيان مان لڳي ٿو ته آمريڪي موقف ۾ بهتري آئي آهي. ٽام ويسٽ چيو ته آمريڪا طالبان سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ۽ افغان عوام جي ??شڪلاتن ۾ گهٽتائي چاهي ٿو. اجلاس ۾ افغان وفد پڻ حصو ورتو ۽ دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اميد آهي ته هي غيرمعمولي اجلاس هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ افغان عوام جي ??شڪلاتن تي کلي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ان سان افغانستان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بيدار ٿيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان ۽ فلسطين بابت ٻه دستاويز متفقه طور تي منظور ڪيا ويا. هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان ۾ انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جي حوالي سان دنيا کي پيغ??م ڏنو ويو ته جيڪڏهن 38 ملين افغان عوام جي خراب حالت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. ان کانسواءِ افغان صورتحال تي ڌيان نه ڏنو ويو ته خطو هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو شڪار ٿي سگهي ٿو جنهن سان نه رڳو پاڙيسري ملڪ پر پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل ذميواري آهي پاڪستان اڪيلو ان کي منهن ٿو ڏئي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته اجلاس جي ذريعي مسلمان امت کي نه دنيا ۾ پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا. آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي ??اءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي باوجود اسان هڪ مثبت قدم کنيو، انهن 50 هزار ٽن ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ يا اسان کي آزمائڻ چاهيو پئي، اسان انهن کي اهو موقعو نه ڏنو ۽ پاڪستان جي رستي ڪڻڪ کڻي وڃڻ جي ڀارت کي اجازت ڏني. افغان عوام جي ??الي امداد جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ٽرسٽ فنڊ قائم ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين ڪا امداد ناهي ملي، ڪو بئنڪنگ اڪائونٽ نه آهي جتي امداد وڃي سگهي. بئنڪنگ اڪائونٽ ٺهڻ سان قائم ٿيل فنڊ فعال ٿي ويندو. هن چيو ته انساني امداد کي مشروط نه ڪيو ويندو، عالمي بئنڪ 280 ملين ڊالر فراهم ڪيا آهن جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن 1.2 ارب ڊالر جي استعمال نه ٿيل فنڊز جي استعمال جو اشارو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نجي افغان بئنڪن کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڃا افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو وقت ناهي آيو، آهستي آهستي اڳتي وڌڻو پوندو. افغان عبوري حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ آهي ته افغان طالبان جي عبوري حڪومت کانپوءِ ڪسٽم گڏ ڪرڻ جو سلسلو ٻيڻو ٿي چڪو آهي جڏهن ته افغان عبوري پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هو گهڻ رخي متفقه حڪومت جي ??اءِ پرعزم آهن. متقي جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ ڪيترن ئي ڌڙن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڌڙن کي شامل ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سندس ازبڪستان جي ??نهنجي ??م منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪو افغانستان بابت علائقائي اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ نئين دهلي وڃي رهيو هو ته مون کيس چيو ته توهان نئين دهلي عملدارن کي سجهايو ته اهي منفي رويو ختم ڪن ۽ مثبت رويو اختيار ڪن. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ بئنڪنگ چينل بحال نه ٿا ٿين ته امداد جي ??هچ ۾ ڏکيائي ٿيندي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ چيو ته اجلاس جي ??يزباني جي ??اءِ پاڪستان جي ??رڏيهي وزير جا ٿورائتا آهيون. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ميمبر ملڪن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن جي شرڪت اجلاس جي ڪاميابي آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اجلاس انتهائي اهم هو، ڏورس نتيجا نڪرندا، هي رڳو هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس نه آهي پر ان جا تاريخي اثر پو??دا. هن چيو ته اجلاس ۾ يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا سميت اهم ملڪن شرڪت ڪئي ۽ امداد جو اعلان پڻ ڪيو. افغان ڀائرن جي امداد جي اعلانن سان اميد پيدا ٿي آهي. سرديءَ جي ??وسم جي ڪري افغان عوام جي ??شڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي. سيڪريٽري جنرل چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانستان جي ??دد جي ??اءِ خصوصي اڪائونٽ کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. افغان عوام جي ??دد جي ??اءِ پنهنجي عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ تحت افغانستان جي ??اءِ قائم ڪيل ٽرسٽ فنڊ ۾ سمورا ملڪ امداد جم?? ڪرائي??دا. اسلامڪ فقه اڪيڊمي ۽ عالم سڳورن سان رابطا ڪري ڌرين ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪندي. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ڪامياب اجلاس جي انعقاد ۽ افغان عوام جي ??اءِ ڪوششن تي ٿورائتا آهيون.