اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻن??ي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻن??ي ڀائر ملڪن هر مش??ل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.