اسلام آباد – 05 ج??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته 5 ج??ور?? 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود مختياري جو موقعو فراه?? ڪري، اڄ سڄي دنيا سميت ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن ۾ اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. مملڪتي وزير فرخ ح??يب 5 ج??ور?? خودمختياري جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 ج??ور?? 1949ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ ڀارت کي چيو ويو هو ته هو ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ خود اراديت جو موقعو فراه?? ڪري. مملڪتي وزير چيو ته ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن ۾ پاڻ ڀارت کڻي ويو هو ۽ ڀارت متفقه قرارداد جي ذريعي سڄي دنيا سان وچن ڪيو هو ته هو ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيندو. هن چيو ته ڪشمير جي بي گناهه پر غيور عوام ڀرپور جذبي سان تحريڪ هلائي، فرخ ح??يب چيو ته ڀارتي فوج ڪشميرين جي خلاف رياستي دهشتگردي جو بدترين سلسلو جا??ي رکيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته يورپي يونين سميت عالمي برادري ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل رياست ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ ان مسئلي جو ڪو اهڙو حل ڪڍيو وڃي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ قبول جوڳو هجي.