اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) گهرو وزارت ا??غا??ستان ۾ جاري عالمي غير سرڪاري تنظيمن جي امدادي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع طريقيڪار متعارف ڪرايو آهي. اها ڳالهه ا??غا?? بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ٻُڌائي وئي. پي آءِ ڊي طرفان جاري بيان مطابق اجلاس قومي سلام??ي جي مشير ڊاڪٽر معيد يوسف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. وزارت جي عهديدارن ??جلاس کي آگاهه ڪيو ته نَون قدمن جو بنيادي مقصد مصيبت سٽيل ا??غا??ستان ۾ انساني امداد جي ڪوششن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سان نه صرف نين عالمي غير سرڪاري تنظيمن پر اهي جيڪي پهريان کان رجسٽرڊ آهن اهي فائدو کڻي سگهنديون. رجسٽريشن لاءِ درخواست ڏيندڙ تنظيم کي لاڳاپيل سفارتخاني مان تصديقي خط، پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽريشن جو ثبوت ۽ فنڊنگ جي ذريعن سان گڏوگڏ مقامي رهائشي ايڊريس ۽ ان جي نامزد عملي جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻو پوندو. ڇنڊڇاڻ ڪميٽي ٽن هفتن ۾ ڪاررواين مڪمل ڪندي، اهڙيءَ طرح ويزا جاري ڪرڻ جي عمل کي به آسان ۽ گهٽ وقت ۾ ممڪن بنايو ويو آهي. ويزا جي درخواست تي ڪارروائيءَ لاءِ وقت جو مدو گهٽ ڪري 10 ڏينهن ڪيو ويو آهي. قومي سلام??ي جي مشير نَون قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان ا??غا??ستان ۾ جاري فلاحي ڪمن ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ پرڏيه?? وزارت، واپار وار?? وزارت، منصوبا بندي، ناڻو، ايف بي آر ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن ??رڪت ڪئي.