اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڀارت سان مڪمل سفارتي لاڳاپن جي بحالي ممڪن نه آهي، ان ??ي لاءِ ڀارت کي حالتون سازگار بڻائڻيون پونديون، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، وزيراعظم عمران ??ان ??يندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو، سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 کان 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. پنهنجي هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اصم افتخار چيو ته پاڪستان ??دائين پرامن گڏيل بقاءُ جي بنياد تي ڀارت سان ??هترين لاڳاپا رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر نئين دهلي ڪڏهن به مثبت جواب ناهي ڏنو، ترجمان چيو ته 26 جنوري تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو، ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير ۾ انسانيت تي ظلم ڪري ۽ عالمي قانونن کي ٽوڙي رهيو آهي دنيا ڪشمير جي صورتحال کان ??گاهه آهي، هن چيو ته ڀارتي فورسز جا ظلم دنيا جي اکين کان ??وجهل نه آهن، ڀارتي سوچ ۽ قدم خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، ترجمان چيو ته ڀارت سان ??فارتي لاڳاپن جي مڪمل بحالي جون حالتون نه آهن، ڀارت کي ان ??والي سان ??التون سازگار پيدا ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ امن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان ڀارت دوستي ۽ ڳالهين جو مثبت جواب نه ڏنو، ترجمان چيو ته ڀارت کي واگها جي ذريعي افغانستان ۾ ڪڻڪ موڪلڻ جي به ??جازت ڏني، پر هن اڃان ??ائين نه تاريخ جو ٻڌايو نه ئي ٽرڪن جا تفصيل ڏنا، ڀارت ان ??والي سان مڪمل تفصيل فراهم نه ڪري رهيو آهي، عاصم افتخار چيو ته جعلي معلومات تي ڀارت دنيا ۾ بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڀارت پاڪستانين جي يوٽيوب چئنلز کي جعلي قرار ڏئي بلاڪ ڪرائي رهيو آهي ۽ اظهار راءِ تي پابندي لڳائي رهيو آهي، هن چيو ته ڪشمير پريس ڪلب جي بندش صحافين جي گرفتاري ان ??ا واضح مثال آهن، ڀارت پاڪستان ??ي الزام لڳائي منفي پروپگينڊا جي ذريعي ٽارگيٽ ڪندو آهي، پر هاڻي پاڻ عالمي ادارن ڪوڙي پروپيگنڊا تي ان کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، عاصم افتخار چيو ته سي پيڪ جي رفتار سست هجڻ جو تاثر درست نه آهي، ڪورونا جي باوجود سي پيڪ تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته سي پيڪ اهم منصوبو آهي، دوري دوران ??ن جي اڳڀرائي جو جائزو ٿيندو، ترجمان چيو ته وزيراعظم بيگجنگ سرمائي المپنڪس جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، ان کانسواءِ وزيراعظم اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو، چين جي دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٿيندي، ترجمان ٻڌايو ته او اءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس 22 ۽ 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير جي او آءِ سي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهه ٿي آهي، افغانستان ??ابت او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۽ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته پاڪستان ??عودي عرب ۽ متحده عرب امارات ۾ به ??وثي باغين جي وڌيڪ حملن جي مذمت ڪري ٿو، ٽي ٽي پي جي حوالي سان معيد يوسف جو بيان ??لط رپورٽ ٿيو.