اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گي??س ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ته اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي بل گي??س کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ايوارڊ انسانيت جي لاءِ ان جي فلاحي خدمتن جي اعتراف ۾ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گي??س چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي ان??لا?? جي گ??رج?? کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.