لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ۽ پنجاب ??سيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چ??ڌري شجاعت حسين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت حسين عي??دت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب ??و وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد ??ظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسين، حسين الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.