اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان ع??لم?? سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪس??ان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪس??ان ۽ ??ار?? جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پاڪس??ان ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪس??ان ع??لم?? سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن چيو ته ماضي ۾ پاڪس??ان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پاڪس??ان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ??ار?? پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪس??ان ۽ ??ار?? جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ??ار?? کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ??ار?? ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.