اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??خالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جلسو تاريخي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏ??ند??، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽ??ند??سين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ??لڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ??ضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏ??ند??، ڇا چورن جي دٻاءُ تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌري نثار سان ملاقات ٿي آهي، ان س??ن 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته ??يڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، بي اعتمادي واري مئچ اسان کٽ??ند??سين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن س??ن انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي و??ند??. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تاريخي هوندو.