اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) پاران ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ پا??ست??ن جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو اين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پا??ست??ن ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري ره??و آهي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي ويب سائيٽ تي شايع ڪندڙ هڪ مضمون به شيئر ڪيو جنهن ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ پا??ست??ن جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو اين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ته قدرتي ماحول جي وڏي پئماني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پا??ست??ن جي ڪوششن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. پا??ست??ن لاءِ يو اين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انساني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پنهنجي نوعيت جي پهرئين جائزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پا??ست??ن جي حڪومت جا قدرتي ماحول جي بحال?? جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي نظام جي بحالي جي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پا??ست??ن پنهنجي 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائي اهو ڏيکاري ره??و آهي ته ان ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پروجيڪٽ تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا ويا آهن، پا??ست??ن جنهن 2021ع ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪئي خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،اهو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان پهرين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، پا??ست??ن جي حڪومت 2023ع تائين پنهنجي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري اهو 13.9 سيڪڙو ٿي ويا، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ره??و آهي پر اهو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي ره??و آهي.