اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏيڻ تي سمورن پورهيت?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته موجوده چٽاڀيٽي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ افرادي قوت کي جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، يوم مزدور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون پنهنجي قوم پاران انهن پورهيت مردن ۽ عورت?? کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏنيون. اهو ڏينهن پاڪستاني افرادي قوت جي طاقت، ڪردار، قابليت ۽ پنهنجي ملڪ جي دنيا ۾ هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند قوم بڻائڻ لاءِ لگن جي علامت آهي، هن چيو ته قوم انهن سمورن پورهيتن جي ٿورائتي آهي جنهن پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو پگهر ۽ رت ڏنو ۽ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، صدر چيو ته ان ڏينهن پاڪستان سمورن پورهيتن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ هڪ سازگار ماحول ۽ اعليٰ معيار زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. پورهيت جي عظمت تي اسان جو يقين پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته صرف هڪ خوشحال ۽ مطئمن افرادي قوت ئي ملڪ جي معاشي ??رقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي، مو?? کي خوشي ??هي ته پاڪستان پنهنجي ليبر فورس جي فلاح ۽ ڀلائي جي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرامن جي ذريعي صحت جي بيمه، خوراڪه، رهائش ۽ مالي امداد فراهم ڪري ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪري ڪيترائي قدم کنيا آهن. صدر عارف علوي چيو ته اڄ جي دنيا انتهائي چٽاڀيٽي واري آهي ۽ اسان جو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو هڪ اهڙي افرادي قوت آهي جيڪا جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس هجي، پاڪستا?? کي پنهنجي افرادي قوت جي مهارت کي پروان چاڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندي معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. اسان ان ڳالهه کان به واقف آهيون ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سمورن پورهيت?? کي مناسب حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جي لاءِ مسلسل ڌيان جي ضرورت آهي، هن چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پوري پاڪستان جي پورهيت?? کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي مستقبل جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪريان ٿو.